پرويز مشرف جو مڙھه پاڪستان آڻڻ لاءِ تياريون مڪمل

0
40

اڳوڻي صدر جنرل ( ر )  پرويز مشرف جي مڙهه جي دبئي کان پاڪستان روانگي دير جو شڪار ٿي وئي.

سفارتي اختيارين موجب اڳوڻي صدر جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ دبئي ويل خاص جهاز شام ستين وڳي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي اڳوڻي صدر جي گهرواري صهبا مشرف، پٽ بلال مشرف ۽ نياڻي به خاص جهاز ۾ پاڪستان ايندا.

ان کان اڳ پرويز مشرف جو مڙهه المڪتوم هوائي اڏي تان اڄ صبح يارنهن وڳي روانو ٿيڻو هو.

ٻئي پاسي اڳوڻي صدر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان اُماڻڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

سفارتي اختيارين موجب دبئي قونصل خاني مڙهه منتقل ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي جنازي نماز ۽ تدفين سڀاڻي ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته حتمي اعلان مڙهه پاڪستان پهچائڻ بعد ڪيو ويندو.

ياد رهي ته پرويز مشرف جو لاڏاڻو اڄ آچر جي ڏينهن دبئي ۾ ٿيو جنهن جي تصديق سندس خاندان ڪئي آهي،هو ڊگهي عرصي کان دبئي جي آمريڪن اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here