دادو ۾ ناري فرحانه ابڙو قتل ڪيس ۾ نئون رُخ: پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تان مارائڻ جو انڪشاف

0
141
The dead woman's body. Focus on hand

دادو: دادو ۾ مبينا طور چورن جي فائرنگ ۾ عورت فرحانا ابڙو جي قتل واري واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، وارثن عورت کي پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تان ساهرن تي مارائڻ جو الزام لڳايو آهي،

قتل ٿيل عورت فرحانا شيخ جي ماءُ شبانا چنو سندس سس خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، مقتولا جي ماءُ شبانا ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڌيءُ فرحانا کي ٻن نياڻين جو اولاد هو، پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي سندس سس زرينا ابڙو قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي،

ٻه ڏينهن اڳ عورت جي ساهرن ٻڌايو هو ته دادو جي موندر ناڪي واري علائقي ۾ چوري دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ عورت فرحانا ابڙو مارجي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here