هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪير اڳوڻي حڪومت خلاف به سازش کي خارج ڪري پر مداخلت ٿي آهي.هن چيو ته مداخلت ۾ ڪهڙا ڪردار شامل هئا، انهن مان ڪنهن ڪنهن سفارتخانن جا دورا ڪري ملاقاتون ڪيون.هن چيو ته ملاقاتن بابت تفصيل ادارن وٽ موجود آهي، جيڪو سامهون اچڻ گهرجي ته جئين عوام کي هر شئي جي خبر پئجي وڃي.سندس چوڻ هو ته ڪابينا جي آخري اجلاس ۾ ڪاپي چئن شخصيتن کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو جن ۾ صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ چيف جسٽس شامل هئا.واضح رهي ته ان کان اڳ فواد چوڌري پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ تعلقات خراب ٿيڻ جو اعتراف ڪيو هو