جاپان جو عالمي شهرت رکندڙ پهلوان انوڪي 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

0
74

جاپان جو عالمي شهرت رکندڙ پهلوان انوڪي 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.جاپاني پهلوان ڪجهه عرصي کان طبعيت خراب هجڻ سبب اسپتال ۾ داخل هو.جاپاني ميڊيا موجب انوڪي پهلوان جاپاني عوام ۾ تمام گهڻو مقبول هو سندس لاڏاڻي تي عوام ۽ حڪومت ڏکويل آهي.جاپاني پهلوان انتونيو انوڪي 1979 ۾ جهارا پهلوان کان شڪست بعد پاڪستان ۾ مشهور ٿي ويو هو .انوڪي پهلوان جهارا پهلوان جي وفات بعد سندس ڀائيٽي کي پنهنجي نگراني ۾ پهلواني جي تريبت ڏني هئي،انوڪي پهلوان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ واهگا بارڊر تي امن واڪ ڪرڻ جو به خواهشمند هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here