وزيراعظم عمران خان پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي اسيمبلي اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيوپي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن ڏانهن لکيل خط ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ عدم اعتماد تي ووٽنگ دوران پارٽي جو ڪو به ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري، جيڪڏهن ڪنهن ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ته ان تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو.واضح رهي ته مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان ٺهراءَ تي ووٽنگ 31 مارچ يا ان کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن ٿيندي