ملڪ تي گذريل پوڻن چار ورهين کان نااهل ٽولو مڙهيل هو، جنهن ڪرپشن، پروپئگنڊا ۽ انتقامي سياست کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو: راڻا ثناءُ الله

0
109

فيصل آباد ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڳوڻا حڪمران ايترا تڪبر ۾ هليا ويا هئا جو کين انسان جي عزت جو به خيال نه هو. انهن جي ايمانداري جو حال اهو آهي ته توشه خانه جا سمورا تحفه وڪڻي ڇڏيا، ٽرانسفر پوسٽنگ ۾ايتري ڪرپشن ڪئي جو ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو.راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان عمران خان کي جمهوري طريقي سان سيٽ تان لاٿو آهي، آمريڪا کي ڪهڙي ضرورت هئي کيس لاهڻ جي؟راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان عمران کي اليڪشن جو چوندا رهياسين پر هن چيو ته اليڪشن وقت تي ئي ٿيندا، هاڻ انهن شور مچايو آهي ته فوري طور اليڪشن ڪرايا وڃن.هاڻ اسان فيصلو ڪنداسين ڪڏهن اليڪشن ڪرائڻا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here