قومي سلامتي ڪميٽي جي بيان بعد سازش واري بحث دفن ٿي وئي، واضح ٿي ويو ته ڪا به سازش نه ٿي آهي:مريم اورنگزيب

0
76

مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته سازش ڏيکارڻ وارا اصل ۾ سازش ڪري رهيا آهن.قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خط مواد جي تفصيلي جائزو ورتو ويو، ڪوڙ کي خبر ٺاهي پيش ڪرڻ پاڪستان جي قومي مفادن جي ڳلي تي ڇري هلائڻ برابر آهي.اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير چيو ته عمران خان ڪجهه چينلز کي ڪوڙيون خبرون فيڊ ڪري رهيو آهي، جيڪا ملڪ خلاف سازش آهي.هن چيو ته عمران خان ميڊيا جي هڪ حصي کي ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرائي موجب اهڙي قسم جون خبرون ملڪ جي ڀلائي ۾ نه آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here