ڪربلا جي ميدان ۾حق جو علم بلند ڪري باطل کي شڪست ڏيندڙن جي لازوال قربانين جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

0
129

ڪربلا جي ميدان ۾حق جو علم بلند ڪري باطل کي شڪست ڏيندڙ امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي لازوال قربانين جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي، شاهپورچاڪر ۾6 محرم الحرام جي سلسلي ۾ المرتضيٰ ڪالوني جي بارگاه حسيني تي امام حسين عليه السلام جي صغير پٽ شھزادي علي اصغر جي جُهولي جي شبيھ برآمد ڪئي وئي، اوٻاوڙو ۾ 6 محرم الحرام جي حوالي سان ماتمي جلوس بر آمد، ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه الحسينيه ريتي روڊ کان برآمد ٿيو، عزادارن پاران يا حسين يا حسين جون صدائون بلند

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here