توشاخانه ڪيس ٽي تي لائيو ٻڌو وڃي: عمران خان

0
45

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته توشا خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، هو ڪنهن جي اڳيان ناهي جهڪيو ۽ نه وري جهڪندو

عمران خان جو چوڻ هيو ته جن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي انهن جا پئسا ٻاهر پيا آهن، هو ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ وارو ناهي، ڪارڪنن مون ساڻس گڏ آهن، هو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اڄ وڪيلن ذريعي خط لکي رهيو آهي

عمران خان چيو ته سندس حياتي کي خطرو آهي، هو عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، کيس مارڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن

عمران خان چيو ته سندس حياتي کي خطرو تحفظ ڏيڻ وارن مان آهي، جعلي ڪيسن ۾ کيس وري وري گهرايو پيو وڃي، سڀني سامهون آندو وڃي ته مٿس ڪهڙا ڪهڙا ڪيس داخل آهن، هو هر پيشي تي ايندو رهيو آهي پوءِ  به ڪيس ڪيا پيا وڃن عمران خان مطالبو ڪيو ته توشه خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، هو اڳوڻو وزيراعظم آهي مٿس قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي، جان کي خطرو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here