عبدالستار ايڌي جي بيواهه ۽ مشهور سماجي ڪارڪن بلقيس ايڌي 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

0
160

سعد ايڌي تصديق ڪندي ٻڌايو ته بلقيس ايڌي جو خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو، جتي ڪجهه ڏينهن کان علاج هيٺ هئي.هن چيو ته بلقيس ايڌي کي وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، جتي اڄ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو.بلقيس ايڌي پاڪستان جي سڀ کان وڏي فلاحي تنظيم ايڌي فائونڊيشن ٺاهڻ ۾ پنهنجي مرحوم مڙس عبدالستار ايڌي جو ڀرپور ساٿ ڏنو.هن نرسنگ جي تربيت عبدالستار ايڌي جي نرسنگ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن هوءَ صرف 16 سالن جي هئي.بلقيس ايڌي ساڳي اداري ۾ ٻه سال خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن بعد عبدالستار ايڌي سان شادي ڪئي ۽ پوئتي نهاري نه ڏٺو.کيس حڪومت پاڪستان طرفان هلال امتياز سان نوازيو ويو جڏهن ته 2015ع ۾ ڀارت طرفان پڻ مدر ٽريسا ايوارڊ ڏنو ويو عوامي خدمت جي تاريخ سرجيندڙ عبدالستار ايڌي جي وني، بلقيس ايڌي جي جنازي نماز اڄ منجهند هڪ وڳي بولٽن مارڪيٽ جي ميمڻ مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي صدر، وزير اعظم، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پاران تعزيت جو اظهار

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here