اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي

0
100

پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي درخواستگذار اڪبر ايس بابر چيو آهي ته هلندڙ مهيني فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿي ويندو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اڪبر ايس بابر چيو ته اڄ پي ٽي آءِ حتمي دليلن جي شروعات ڪئي آهي، اميد آهي ته پي ٽي آءِ جو وڪيل 19 اپريل تائين پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺندو اڪبر ايس بابر چيو ته غيرقانوني 11 اڪائونٽس کي اسد قيصر، شاهه فرمان ۽ سندس قيادت آپريٽ ڪندي هئي، انهن ماڻهن کي اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه هو ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور جو چوڻ آهي ته فارا ڪمپني آمريڪا ۾ رجسٽرڊ آهي ايجنٽ فارا ڪمپني ۾ رجسٽرڊ آهي، ايجنٽس رجسٽرڊ ڪمپني کانسواءِ پئسا نه ٿا موڪلي سگهن، آمريڪا سان ٻٽي شهريت جو معاهدو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here