ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌيڪ وڌي 19 ھزار ٿي ويو

0
98

ترڪيه ۽ شام ۾ سومر ڏينهن آيل خوفناڪ زلزلي جون تباهڪاريون جاري، مجموعي طور حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 19 هزار کان وڌي ويو

 اسپتالن ۾ داخل ٿيل هزارين زخمين مان ڪيترن ئي جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

 ڊهي پٽ پيل عمارتن جَي ملبي هيٺان دٻيل لاشن ۽ زخمين کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري پڻ جاري آهي

ترڪيه جَي صدر رجب طيب اردگان پاران زلزلي سٽيل علائقن جو دورو  ڪيو ويو

دوري دوران ترڪ صدر زلزلي متاثرن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته ڪو به ماڻهو بي گهر نه رهندومتاثر ڪٽنبن جِي تُرت مالي مدد ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي پاڪ فوج جون ريسڪيو ۽ ٽيمون به امدادي ڪمن ۾ رڌل آهن پاڪ فوج جي امدادي ٽيمن پاران مختلف علائقن ۾ ريسڪيو ۽ طبي سهولتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here