0
88

انصاف جي اميد سان 6 مهينن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان: ام رباب چانڊيو

لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽِن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان طرفان داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاران ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور ۽ ٻيا عدالت پيش ٿيا

ام رباب چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس ۾ سردار ڀائرن جا نالا شامل ڪيا، جن ان عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ درخواست داخل ڪرائي

هن چيو ته اڄ انصاف جي اميد سان 6 مهينن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته هتي اچي تاريخ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي هن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي تنهن ڪري وڃي ڪيس هلايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here