لاهو هاءِ ڪورٽ پاڪستان جي قيام کان وٺي هاڻي تائين توشه خاني کان وٺندڙ تحفن جا تفصيل طلب ڪري ورتا
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ شهري منير احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته توشه خاني مان ڪهڙين ڪهڙين شخصيتن کي ڪيترا تحفا مليا ۽ ڪهڙِون ادائيگيون ڪيون ان جا تفصيل دستياب ناهن ، استدعا آهي 1947 کان هاڻي تائين توشه خانه ڪيترا تحفا حاصل ڪيا آهن ، تفصيل فراهم ڪيا وڃن
وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته توشه خاني جا تحفا ڳجهي ڄاڻ آهي ، تفصيل فراهم نه ٿا ڪيا وڃن
ان تي عدالت باور ڪرايو ته توشه خاني مان تحفا خريد ڪري ٽيڪس ريٽنرز ۾ ظاهر ڪرڻو پوندو ، جڏهن ٽيڪس ريٽرنز ۾ تحفا ظاهر ڪيا ويا پوءِ ڳجها ڪيئن رهيا پر تفصقيل ظاهر ڪيا وڃن، اها عدالت طئي ڪندي آهي ته ڄاڻ ڳجهي آهي يا نه .
ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 جنوري تي ٿيندي