مڪاني کاتي جون چونڊون ٿيون ته حڪومت خلاف پريس ڪانفرنس نه ڪئي وڃي: مرتضيٰ وهاب

0
73

مڪاني کاتي جون چونڊون ٿيون ته حڪومت خلاف پريس ڪانفرنس نه ڪئي وڃي: مرتضيٰ وهاب

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته مڪاني کاتي جون چونڊون ٿيون ته سنڌ حڪومت جي خلاف پريس ڪانفرنس نه ڪئي وڃي

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پنج هزار پولنگ اسٽيشنز آهن، انهن تي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار نه هوندا ته ڌانڌلي جو الزام لڳندو، ان سبب اسان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڪئي

هن چيو ته سنڌ جون اڏاوتون خراب آهن، جيئن 15 جنوري تي مڪاني چونڊون ٿيون ته 16 جنوري تي الڪيشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت جي خلاف پريس ڪانفرنس ٿيندي

مرتضيٰ وهاب چيو ته آرمي چيف ۽ چيف آف جوائنٽ اسٽاف ڪميٽي جون تقرريون آئيني ۽ قانوني معاملا آهن، ان تي جيتري سياست ٿي رهي هئي اها سڀين لاءِ نقصانڪار هئي، وفاقي حڪومت جيڪو فيصلو ڪيو ان تي صدر آئيني ذميواري پوري ڪئي، اسان جي به ذميواري آهي ته آئين ۽ قانون سان هلون

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت جا خطرا گهٽ ٿي ويا آهن، مضبوط معيشت لاءِ سڀ گڏ ڪم ڪن، ڍڪڻ چور ڍڪڻ جي ڳالهه ڪندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here