اسپيڪر توهين عدالت ڪري رهيو آهي، کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا: بلاول ڀٽو زرداري

0
99

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان اڳ به فيضياب ٿيا ۽ ٻيهر به فيضياب ٿيڻ چاهن ٿا، اسپيڪر توهين عدالت ڪري رهيو آهي، کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسپيڪر عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي بلاول چيو ته اسپيڪر توهين عدالت ڪري رهيو آهي، کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هي پهريون ڀيرو ناهي ته عدالت اسپيڪر جي رولنگ رد ڪئي آهي، وزيراعظم کي ڏنل غير جمهوري ۽ غير آئيني تجويز جمهوريت کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي شاهه محمود قريشي ڏانهن اشارو ڪندي بلاول چيو ته هن وزيراعظم کي چيو هو ته هن کان پاسو ڪريو نه ته ڦاسي ويندا ۽ ائين ئي ٿو ته هو ڦاسايو پيو، هن ٽي ڀيرا پارٽي تبديل ڪئي ته ضمير جي ڪيتري قيمت ورتي.هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وقت ۾ فرق آهي، جڏهن ته هتي 8 تاريخ هئي ته اتي 7 تاريخ هئي، هئي وقت سازش ۽ ان تي عمل ڪيئن ممڪن آهي.پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم موجب ووٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر جا ميمبر اسيمبلي مان نه نڪرندا، عدالت حڪم ڏنو آهي ته اڄ ئي ووٽنگ ڪرائڻي آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، اسپيڪر هن ڏوهه ۾ شامل آهي، اڪثريت اپوزيشن وٽ آهي، عمران خان اسپيڪر جي قرباني ذريعي هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ ڪرسي تي رهڻ چاهي ٿو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان اڳ ۾ به سليڪٽڊ هو ۽ ٻيهر سليڪٽ ٿي ڪري اچڻ چاهين ٿا، هو اڳ به فيضياب ٿيا ۽ ٻيهر به فيضياب ٿيڻ چاهن ٿا.هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شفاف اليڪشن ٿيندي ته هو کٽي نه سگهندو، هن کي 18هين ترميم جي خاتمي لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو هو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان کي معاشي بحران آڻڻ لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو، ڪپتان بزدلاڻي طريقي سان ايوان مان ڀڄي ويو، جيڪو عمران خان کي مشورو ڏئي رهيا آهن هو کي سڃاڻي ٿو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here