نئين دهلي: ڀارت ۾ بس ڊرائيور کي ڊرائيونگ دوران دل جو دورو پيو، جنهن سبب بس گڏ ۾ وڃي ڪري، حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي رياست گجرات جي ضلعي نوساري ۾ پيش آيو، ميڊيا رپورٽن موجب مسافرن سان ڀريل بس مذهبي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي واپس پنهنجي منزل ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي ته نوساري هاءِ وي تي بس ڊرائيور کي دل جو دورو پيو، جنهن سبب بس ڪنٽرول مان نڪري وئي،
ميڊيا رپورٽن موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي انتظاميا زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 28 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته بس ڊرائيور به دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.