مرڪزي تنظيم عزا جي سالياني چونڊ ۾ سيد غفران مجتبيٰ نقوي ڪاميابي ماڻيندي مرڪزي صدر چونڊجي ويو

0
114

مرڪزي تنظيم عزا جي لاءِ يونائيٽيڊ پينل ۽ سلمان مجتبيٰ پينل جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيڻو هو، پر يونائيٽيڊ پينل جو اميدوار سلمان، مجتبيٰ پينل جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن ۾ سيد غفران مجتبيٰ نقوي کي مرڪزي تنظيم عزا جي صدر طور ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سيد محمد سقلين رضوي سينيئر نائب صدر، سيد جاويد عباس زيدي نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري عهدي تيِ سيد مهدي عباس جعفري ڪاميابي ماڻي.ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احمد مهدي رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري سيد نويد قمر زيدي، اسسٽنٽ سيڪريٽري سيد اديب عباس رضوي ۽ فنانس سيڪريٽري جي عهدي تي محمد قاسم مرزا ڪاميابي ماڻي.ان کانسواءِ محمد قاسم مرزا انفارميشن سيڪريٽري، سيد افسر علي رضوي سڪريٽري سماجي ڀلائي، علي عباس رابطا سيڪريٽري ۽ سيد فرزان حيدر عابد ميڊيا سيڪريٽري طور چونڊيا ويا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here