آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو جاري، پي ٽي آءِ کي شڪست، مخالف جماعتن کي سرسري حاصل

0
101

آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ حڪمران جماعت کي شڪست ملي ۽ مخالف ڌر جماعتن ميدان ماري ورتو

آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ نتيجن جو سلسلو اڄ به جاري آهي،8 سئو 66 مان 8 سئو 13 نشستن تي جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ ڄمون ڪشمير پارٽي کي 2 سئو 87 جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ مسلم ڪانفرنس 2 سئو 74 سيٽون کٽيون

ٻه سئو 34 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا، حويلي ضلعي جي 12 ڪائونسل سيٽن تي پي ٽي آءِ هڪ، ن ليگ 7 ۽ پيپلز پارٽي 4 سيٽون کٽي ڪاميابي ماڻي

حويلي جي وارڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان اڳڀري رهي جڏهن ته ضلع ڪائونسل پونڇ ۾ مخالف ڌر  سوڀ ماڻي،  پي ٽي آءِ 29 سيٽن مان صرف 6 سيٽون کٽيون

پهرين مرحلي ۾ آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾  حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کي شڪست ملي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here