وفاقي ڪابينا جوڊيشل ريفارمز ترميمي بل جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
160

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عدالتي سڌارن واري ترميمي بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي

ذريعن موجب ترميمي بل تحت 3 سينيئر جج پاڻمرادو نوٽيس تي فيصلو ڪندا، سينيئر ججن جي 3 رڪني ڪميٽي پاڻمرادو نوٽيس تي فيصلو ڪندي

ترميمي بل تحت پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق هوندو ۽ 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهبي، اپيل ٻن هفتن ۾ طئي ڪئي ويندي

ذريعن موجب ڪابينا پاران منظور ڪيل ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۽ انصاف بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن جي صدارت چيئرمين محمود بشير ڪندو ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سڀاڻي بل جي منظوري ڏيندي ايوان ۾ رپورٽ پيش ڪندي، قومي اسيمبلي سڀاڻي عدالتي سڌارن واري ترميمي بل جي حتمي منظوري ڏيندي جنهن کانپوءِ تجويز ڪيل بل منظوري لاءِ خميس ڏينهن سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here