پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

0
219

آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي ڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف اسلام آباد جي حد تائين ڪيسن جا تفصيل عدلت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن

پوليس رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف 29 ڪيس داخل آهن، پوليس جا 28 ۽ ايف آءِ اي رڪارڊ موجب عمران خان خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪيسن مان هڪ ڪيس خارج ٿي چڪو آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ست ڪيس جاچ جي مرحلن ۾ آهن ۽ ويهه ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ايف آءِ اي فارين ايڪسچئينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيسن جا تفصيل پيش ٿيڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته ويهي ڪري سمورا مسئلا ڏسو ۽ فيصل چوڌري سان رابطي ۾ رهو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here