وزير اعظم شهباز شريف ايٽمي هٿيارن بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو

0
118

وزير اعظم شهباز شريف ايٽمي هٿيارن بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، وزير اعظم چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جو بيان حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي، گذريل ڏهاڪا اُن ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جو ايٽمي پروگرام اثرائتي ٽيڪنيڪي ۽ فول پروف ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي انتظام هيٺ آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن جي صلاحيت کي سڃاڻڻ لاءِ جٽادار ڪوششون اڻٽر آهن، اُن مقصد لاءِ غير ضروري بيانن کان پاسو ڪيو وڃي، آمريڪا سان علائقائي سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جي پرخلوص خواهش رکون ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here