ڪراچي جي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي جي جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت درخواست منظور ڪري ورتي.درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.درخواست گذار موجب، عامر لياقت عوامي شخصيت هو، سندس پراسرار موت مشڪوڪ آهي، اُن لاءِ سندس پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو وڃي.عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو