”مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي خون سان انصاف ڪريو“مٺياڻي ۾ هڙتال، وزيراعليٰ کي خط

0
79

ڪراچي ۾ قتل ٿيل مختيارڪار واري واقعي خلاف مٺياڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مقتول مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي وارثن، سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن جي سڏ تي ڪاروبار بند ڪيو ويو.

مقتول جي مختيارڪار جي وارثن چيو آهي ته مختيارڪار اعجاز چانڊيو کي هفتو اڳ ڪراچي جي منگهوپير واري علائقي ۾ لينڊ مافيا قتل ڪيو پر اڃا تائين انصاف فراهم ناهي ڪيو ويو.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ممتاز چانڊيو پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جي آئي ٽي جوڙڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي ڇڏيو. ايم پي اي ممتاز چانڊيو چيو آهي ته واقعي واري ڏينهن پوليس اعجاز چانڊيو کي سيڪيورٽي ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، هن لکيو ته مختيارڪار جي زخمي ٿيڻ جي ٻن ڪلاڪن بعد پوليس پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو، پوليس هن وقت تائين مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، نوٽيس ورتو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here