اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بجلي گهرن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿرپارڪر ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ٿيو آهي، روزگار جا موقعا به پيدا ٿي رهيا آهن وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي، وزيراعظم ٿر اچڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، هن چيو ته پاور جنريشن ۾ ڪم ڪندڙ مختلف علائقن مان آيا آهن، ٿرپارڪر ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام بهتر ٿيو آهي، وزيراعظم سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقت ڪڍندو رهندو آهي، منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ترقي جون منزلون طئي ٿينديون، ٿر تبديل ڪندو پاڪستان وارو نعرو حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي