ٿر نووا منصوبو پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت مڪمل ٿيا آهن: مراد علي شاھه

0
165

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر ۾ ٻن بجلي گهر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ٿرڪول ڪوئلي جي کاڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو آهي، ٿل نووا 330 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جو منصوبو آهي.

هن چيو ته ٿر نووا منصوبو پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت مڪمل ٿيا آهن ۽ هي منصوبا پاڪ چين جي مضبوط دوستي جو ثبوت آهي.

وڏي وزير چيو ته ٿرڪول بلاڪ ون منصوبو سي او ڊي ڪمپني جي هڪ اهم ڪاميابي آهي، ٿرڪول فيلڊ دنيا ۾ ڪوئلي سڀ کان وڏن ذخيرن مان هڪ آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ڪول فيلڊ منصوبو توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ درآمد ٿيل ٻارڻ تي داري مدار کي گھٽائيندو، ٿر منصوبي جي قيادت ۽ سيڙپڪاري ميسرز شنگهائي اليڪٽرڪ ڪئي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here