قائداعظم جي قيادت کانسواءِ آزاد رياست جو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿئي ها:وزيراعظم

0
134

باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 74هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، ورسي جي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڀيٽا پيش، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قائداعظم جي قيادت کانسواءِ آزاد رياست جو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿئي ها، للڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ باباءِ قوم جي اصولن، ايمان، اتحاد، تنظيم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري قائداعظم محمد علي جناح کي ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته هو قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪري رهيا آهن، قائداعظم جي پاڪستان کي متحد ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضمانت 1973ع وارو آئين آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي هر مشڪل ۾ قائداعظم جي پيروي ڪرڻي پوندي، هُو پاڪستان کي اهڙي رياست بڻائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندا جتي جمهوريت مضبوط هجي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ، وقتي گورنر سراج دراني ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پاران قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش، وڏي وزير چيو آهي ته سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي سنوارڻو آهي، مرتضيٰ وهاب جو قائداعظم جي ورسي جي موقعي تي چوڻ آهي ته سموري قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ٿورائتي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here