وزيراعظم مٺي ۾ ٿرڪول پاور جَي 630 ميگاواٽ جي ٻن ٻن بجلي گهرن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
191

وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلامڪوٽ پهتو، جتي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير امتياز شاهه ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو

وزيراعظم سان توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير، وفاقي وزير احسن اقبال، چوڌري سالڪ، مريم اورنگزيب ، چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ ٻيا گڏ هئا

ان موقعي تي وزيراعظم ٿرڪول ۾ 1330 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نواٿر منصوبن جو به افتتاح ڪيو

ان موقعي تي بجلي گهرن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ٿر ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو عظيم منصوبو شروع ٿي چڪو آهي، ٿرڪول جي ترقي اصل ۾ پاڪستان جي ترقي آهي، ٿر جو ڪوئلو هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ ڍال بڻائڻ ناقابل برداشت آهي، ان جي اجازت نه ڏينداسين، آئين پاڪستان هر شيءَ تي لاڳو آهي، پنهنجي ذات کي پاڪستان جي مفاد تي قربان ڪرڻو پيو ته هزار ڀيرا قربان ڪندس

وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، بجلي پيدا ڪندڙ ٻن منصوبن ۽ ڪوئلو ڪڍڻ واري هڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي، ٿر جو ڪوئلو هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو هن جو چوڻ هو ته  ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا مخالف پاڪستان جي ترقيءَ جا مخالف آهن، ٻاهران ڪوئلو گهرائڻ سان پاڪستان کي اربين ڊالرز خرچ ڪرڻا پون ها، منصوبن سان هزارين لکين ماڻهن کي روزگار ملندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here