لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي اسلام آباد ۾ داخل دهشتگردي جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

0
136

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي زمان پارڪ گهر تي پوليس آپريشن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عمران خان جسٽس طارق سليم شيخ جي آڏو پيش ٿيو

ان موقعي تي عمران خان موقف اختيار ڪيو ته پوليس عدالتي حڪومت باوجود گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چئوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ ڀڃڊاهه ڪئي ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو

عمران خان چيو ته هو ان ڏينهن اسلام آباد هيو ته پوليس زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪيو، هن چيو ته سندس گهرواري پردي ۾ رهندي آهي، پوليس گهر جا شيشا ٽوڙيا جنهن تي سندس گهرواري دانهون ڪيون جنهن جا ويڊيوز موجود آهن.عدالت لاڳاپيل ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري

هن ٻڌيو ته سندس 5 محافظن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اڄ هو لِڪي عدالت ۾ پهتو آهيان، ان گاڏي ۾ آيو آهي جنهن ۾ کيس ڪنهن به نه ڏٺو

ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته ميڊيا تي ويهي جيڪي عدليه سان مذاق ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس. جيڪڏهن سمورين ڌرين عدليه جي عزت نه ڪئي ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. هڳو قانون موجب ڪارروائي ڪندا آهن ۽ صرف قانون جي ڳالهه ڪندا آهن عدالت عمران خان ۾ داخل دهشتگردي جي ٻن ڪيسن ۾ 27 مارچ تائين حفاظتي منظور ڪرڻ سان گڏ نيب نوٽيس ۾ به عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here