توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: عمران خان، اسد عمر ۽ فواد جا وارنٽ جاري

0
204

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جا پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ پارٽي اڳواڻن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ٽنهي جا ضمانٽ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here