ڀارت ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

0
215

نيوزيلينڊ هٿان سريلنڪا جي شڪست ڀارت کي ٻئي ڀيرو ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو آهي ان سان گڏوگڏ آسٽريليا خلاف احمد ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ کانپوءِ ڀارت چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز به 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي

ڀارت لاڳيتو ٻيو ڀيرو ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچائڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ جو هو

ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا خلاف نيوزيلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 285 رنسون گهربل هيون، ڪين وليمسن جي ناٽ آئوٽ سينچري جي مدد سان ميزبان ٽيم کي ٽارگيٽ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو

جيڪڏهن سريلنڪن ٽيم ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ها ته ان وٽ ڀارت کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن کان محروم ڪرڻ جو موقعو هجي ها، پر ڪيويز ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽ تان ميچ کٽي سريلنڪا جي اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو

پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي موجود آسٽريليا ۽ ٻئي نمبر تي موجود ڀارت جون ٽيمون هاڻي ست سون تي لارڊز جي ميدان تي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون ۽ ان سان گڏوگڏ ڀارتي ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ لاڳيتو ٻه فائنل کيڏڻ واري پهرين ٽيسٽ ٽيم هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري وٺندي هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي انگلينڊ پنجين، پاڪستان ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، نيوزيلينڊ اٺين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم جي فهرست ۾ نائين پوزيشن آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here