قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي جو ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

0
84

ڪراچي: قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر علي چيو ته سڀاڻي ڪراچي ٽيسٽ ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ هوندي.

اظهر علي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو، جڏهن ته ان دوران هن پنهنجي سينيئرن ۽ ساٿين جو ٿورو مڃيو. قومي ڪرڪيٽر چيو ته مداحن ڪرڪيٽ سبب تمام گهڻو پيار ڏنو آهي، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان، کين گذارش آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي اهڙي طرح سپورٽ ڪندا رهو.

اظهر علي چيو ته هر شيءِ جي پڄاڻيءَ جو هڪ وقت هوندو آهي، چار پنج سال انجري جو شڪار رهيس، منهنجي ڪيريئر لاءِ منهنجي خاندان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، اميد آهي ته هاڻي کين ڪافي وقت ڏئي سگهندس.

اظهر علي 25 سالن جي عمر ۾ 2010 ۾ آسٽريليا خلاف ڊيبيو ڪيو هو، هن پاڪستان طرفان هن وقت تائين 96 ٽيسٽ ميچ کيڏيون، جنهن ۾ هن 7097 رنسون ٺاهيون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here