پاڪ چين لاڳاپا پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

0
105

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپا پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهن، حڪومت ۽ سياسي جماعتون پاڪ چين لاڳاپن کي اهميت ڏين ٿيون. چيني ميڊيا کي انٽريو ڏيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو گهڻو متاثر ڪندڙ منصوبو آهي، بيلٽ اينڊ انيشيٽو عالمي سطح تي گهڻو اقتصادي صلاحيت جو حامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ انيشيٽو تحت هڪ اهم سهڪار جو پروگرام آهي، سي پيڪ سان پاڪ چين اقتصادي سهڪار ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي. هُن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي سي پيڪ اقتصادي منصوبي تي فخر آهي، سي پيڪ سان رڳو پاڪستاني نه پر چيني سيڙپڪارن لاءِ به موقعا وڌندا. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته حڪومت سي پيڪ تي چين سان سهڪار وڌائڻ جي خواهشمند آهي، اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جنهن ۾ صنعتي ۽ خاص معاشي زونز شامل آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چين جي زيرو ڪووڊ پاليسي ساراهه جوڳي ۽ گهڻو متاثر ڪندڙ رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here