اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
69

جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي،، جڏهن ته مُلڪ ۾ امريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ به واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ رُپيو 89 پئسا واڌ ٿي، جنهن بعد ڊالر 268 رُپين جو ٿي ويو

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح 3 سيڪڙو وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي

آڪٽوبر 1996 کانپوءِ ملڪ ۾ وياج جي شرح جي اها بلند ترين سطح آهي، جنوري 2022ع کان هيل تائين مرڪزي بئنڪ مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح ۾ 1050 بيسس پوائنٽس جي واڌ ڪري چڪي آهي

اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل مالي پاليسي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 27 کان 29 سيڪڙو رهندي، نومبر پاليسي اجلاس ۾ مهانگائي جي شرح 21 کان 23 سيڪڙو رهڻ جو امڪان هو، مهانگائي جا امڪان گهٽائڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ واڌ ضروري هئي

پڌرائي موجب، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻه ڀاڱي ٽي گهٽائي به بي يقيني واري صورتحال برقرار آهي، آءِ ايم ايف جي نائين جائزي سان ننڍي مدي ۾ ڳڻتي گهٽ ٿيندي، حڪومت جي ايس ٽي، ايڪسائز ڊيوٽيز ۽ توانائي اگهه وڌايا ۽ سبسڊيز گهٽايون آهن

اسٽيٽ بئنڪ چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 4 اپريل تي ٿيندو

واضح رهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ پاڪستان کان وياج جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو

هوڏانهن مُلڪ ۾ امريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ڊالر جي قدر ۾ هڪ رُپيو 89 پئسا واڌ ٿي، جنهن بعد ڊالر 268 رُپين جو ٿي ويو

ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ ٿي ۽ ڊالر 18 رُپيا 89 پئسا مهانگو ٿي 285 رُپين جو ٿي ويو ڪاروبار جي پڄاڻي تائين رُپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي اُڏام جاري رهي ۽ ڊالر مجموعي طور تي 18 رُپيا 98 پئسا مهانگو ٿي 285.9 رُپين تي بند ٿيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here