وفاقي ڪابينا بجلي جا لائن لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
66

ذريعن موجب، بجلي بريڪ ڊائون رپورٽ ۾ اين ٽي ڊي سي، نيپرا، پاور ڪنٽرول مينجمينٽ ۽ شفٽ انچارج کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪابينا ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ادارتي ڪارروائي ڪرڻ جي منظور به ڏني

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 23 جنوري جي بجلي بريڪ ڊائون تي 18 صفحن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي وئي، ذريعن موجب، ڪابينا ميمبرن رپورٽ تي تفصيلي بحث ڪيو

ذريعن موجب، رپورٽ ۾ اين ٽي ڊي سي، نيپرا، پاور ڪنٽرول مينجمينٽ ۽ شفٽ انچارج کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ڪابينا ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ادارتي ڪارروائي ڪرڻ جي منظور به ڏني

وزيراعظم لاڳيتو 3 بريڪ ڊائون ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پاور منسٽري کي جامع پلان بڻائڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي

وزيراعظم سسٽم جي بهتري لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ بجلي جي لائن لاسز ۽ بجلي چوري تي به بريفنگ ڏني وئي ذريعن موجب ڪابينا بجلي جا لائن لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here