چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اُسريل ملڪن جون سخت معاشي پاليسيون پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ معاشي بحران جو ڪارڻ آهن، سمورين پارٽيون پاڪستان لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن
چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته مالياتي ادارا ۽ قرض ڏيندڙ ملڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ مدد ڪن، سمورين پارٽيون پاڪستان لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن
پرڏيهي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بيجنگ ۾ نيوز بريفنگ دوران چيو ته اُسريل ملڪن جون سخت معاشي پاليسيون پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ معاشي بحران جو ڪارڻ آهن
چيني پرڏيهي آفيس جي ترجمان مائوننگ آمريڪا جو نالو وٺڻ بنا چيو آهي ته ڪجهه اُسريل ملڪن جون بنياد پرست پاليسيون پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن جي مالي ڏکيائين جو سبب آهن
عالمي خابرو اداري بلوم برگ موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ سڀني کي گڏيل ڪوشش ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ کپي بلوم برگ موجب چين سمجهي ٿو ته گهانا مالي ڏکيائين جو شڪار آهي، چين جا مالي ادارا گهانا جو قرض سيٽل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن، چين گهڻ طرفي ادارن ۽ ڪمرشل قرض ڏيندڙن کي اپيل ڪري ٿو ته هو ان ڪوششن ۾ حصيدار بڻجي