سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين بعد بيمارين ماروئڙن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا

0
88

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي تباهه ڪارين بعد مختلف بيمارين ماروئڙن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، مليريا سبب هڪ نينگري فوت ٿي وئي. باھو کوسو ۽ ڀرپاسي ۾ مليريا جا هاڃا جاري، وڌيڪ هڪ نينگري فوت ٿي وئي. ڳوٺ آرصلاح خان بنگلاڻي ۾ مليريا وگهي ستن ورهين جي معصُوم نينگري آمنا ولد عبدالله بنگلاڻي فوت ٿي وئي.باھو کوسو ۽ ڀرپاسي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وگهي فوتين جو انگ 20 ٿي ويو آھي.ننيگري جو مڙهه جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيهو شي جا دورا پوڻ لڳا آهن…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here