ايس ٽي پي پاران هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن قرار ڏيندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

0
204

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران عوامي رابطا مهم هلائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو، جنهن مطابق اعلانيل 4 مارچ تي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ شروع ڪئي ويندي جيڪا 20 مارچ تائين جاري رهندي

جڏهن ته حيدرآباد، سکر، مٽياري، ميرپورخاص، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، عمرڪوٽ، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ۾ هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب سان گڏ اديبن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ موجوده ڊجيٽل آدمشماري سان سنڌ کي درپيش خطرن ۽ نقصانن کان آگاهه ڪندو

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري وطن کسڻ ۽ اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪرڻ جي سازش آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائي سازشي آدمشماري کي روڪي، ٻي صورت ۾ عوام سنڌ دشمن سازش جو ڀرپور مقابلو ڪري سازشي عناصرن کي ناڪام بڻائيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here