وزيراعظم طرفان ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي واري واقعي تي افسوس جو اظهار

0
141

صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه ۽ شام۾ زلزلي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضائع تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

صدر عارف علوي چيو آهي ته ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستاني عوام ۽ سندس همدرديون ترڪيه ۽ شام سان گڏ آهن، الله مرحومن جي پوئنرن کي صبر جميل ۽ مرحومن کي سڪون نصيب فرمائي.

وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي فون ڪري زلزلي سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هوته ترڪيه هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ڏک جي گهڙي ۾ ترڪيه حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون، پاڪستان پنهنجي بردار عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود ناهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here