موسمياتي تجزيه نگار ڪراچي ۾ ٽي جنوري ( سڀاڻي ) سخت ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
موسمياتي تجزيه نگار جواد ميمڻ موجب ٿڌ جي لهر ملڪ جي ڪيئي حصن کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جي اُترين علائقن ۾ ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي ويندي
ان کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ به ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته اولهه وارين هوائن جو سسٽم بلوچستان مان نڪري چڪو آهي
جواد ميمڻ ٻڌايو ته سڀاڻي کان ڪراچي ۾ اتر کان تيز، خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون گهلڻ شروع ٿي وينديون ۽ شهر ۾ سڀاڻي کان ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد گهٽجڻ شروع ٿي ويندو
ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي رات جو گرمي پد سنگل ڊيجٽ ۾ وڃي سگهي ٿو، رات ۾ گرمي پد ست کان نوَ ۽ ڏينهن جو ٽيويهه کان ڇويهه ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو
موسمياتي تجزيه نگار موجب ست يا اٺ جنوري تي اولهه کان وڌيڪ هڪ هوائن جو سسٽم بلوچستان رستي ملڪ ۾ داخل ٿيندو، پندرنهن جنوري کانپوءِ اولهه جي هوائن جو سسٽم ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو