آصف علي زرداري تي قتل جي سازش جو الزام، پ پ پ پاران عمران خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان

0
106

عمران خان پاران سندس جي قتل جي سازش جو الزام اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي لڳائڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽي جو رد عمل سامهون اچي ويو

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عمران خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاران آصف علي زرداري تي لڳايل الزامن کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته عمران خان جادوگرياڻي جي خبرن تي هلندو آهن، شايد جادوگرياڻي خواب ڏٺو آهي

سندس چوڻ هو ته عمران خان سستي شهرت جي لاءِ نئون چورڻ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here