نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪيوي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 49.5 اوورن ۾ 261 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي
نيوزيلينڊ طرفان ڊيون ڪانوي زبردست بيٽنگ ڪندي 101 رنسون ٺاهيون، ڪپتان ڪين وليمسن 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي
پاڪستان طرفان محمد نواز 4، نسيم شاهه 3، حارث رئوف ۽ اساما مير هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي
جواب ۾ پاڪستاني ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي، ڪپتان بابر اعظم کانسواءِ ڪو به رانديگر ڪيوي بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو، قومي ٽيم 43 اوورن ۾ 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي