جي آءِ ٽي:عمران خان تي حملي جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

0
86

اڳوڻي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) غلام محمود ڊوگر جي سربراهي ۾ قائم گڏيل جاچ ٽيم  (جي آءِ ٽي) عمران خان تي قاتلاڻي حملي جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو  

پوليس ذريعن مطابق گوجرانواله ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرايل چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار نويد جي فائرنگ سبب عمران خان  ۽سندس ساٿي زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو مارجي ويو هو

پوليس ذريعن موجب جوابدار جي فائرنگ سبب ماڻهن م خوف حراس پيدا ٿيو، چالان جي آءِ ٽي جي ميمبر انور شاهه جمع ڪرايو

ذريعن جو چوڻ آهي ته پراسڪيوٽر راڻا سلطان طارق ۽ حافظ اصغر کي قانوني معاملا ڏسڻ لاءِ جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو هو جڏهن ته ٽنهي چالان جمع ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٿاڻي ۾ جوابدار جي ويڊيو ٺاهيندڙ خلاف دفعه 1 سئو 55 سي پڻ لڳائي وئي

ذريعن موجب چالان پراسڪيوٽر جنرل خليق الزمان جي دٻاءُ سبب جمع ڪرايو ويو جڏهن ته وفاقي حڪومت 3 ڏينهن اڳ نئين جي آءِ ٽي ٺاهي چڪي آهي جنهن جو ڪنوينر آءِ جي رائو سردار کي بڻايو ويو ۽ جوابدار نويد رمانڊ پورو ڪري جيل وڃي چڪو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here