سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي

0
85

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن سميت ٻين ضلعن پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ مختلف تڪن مان غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري آهي.

ڪراچي

غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب گلشن اقبال ۽ نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ جماعت اسلامي اڳتي آهي. لياري، بلديا ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڏهه سيٽن تي پ پ کي سرسي حاصل آهي.

ملير ضلعي جي 30 مان ٽن يونين ڪميٽين ۾ پ پ جا چيئرمين ۽ وائس چيئرمين ڪامياب ٿي ويا، ڏکڻ ضلعي ۾ 25 يوسيز مان هڪ تي پ پ جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جا اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ به مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي ويو آهي.

غيرحمتي غير سرڪاري نتيجن موجب سيوهڻ ميونسپل ڪميٽي جي سمورن 15 وارڊز تي پ پ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.

حيدرآباد ۾ پ پ کي ضلعي جي 160 مان 38 يوسيز تي سرسي حاصل ٿي وئي آهي.

ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي سمورن 14 وارڊن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو ۽ نوَ سيٽون پنهنجي نالي ڪري ورتيون آهن، پ پ چار سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو به هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

دادو ميونسپل ڪميٽي جي 24 وارڊز مان پ پ کي 18، پي ٽي آءِ جي ٽن اميدوارن ۽ ٻن آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته هڪ اميدوار جي وفات تي چونڊون روڪيون ويون .

مٽياري ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊز مان جي ڊي اي چار ۽ پيپلز پارٽي ٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

هر هر اليڪشن ملتوي ۽ آخري وقت تائين غير يقيني واري صورتحال سبب اميد موجب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ صبح کان ٻهپريءَ تائين تمام گهٽ ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز جو رخ ڪيو، پر معمول موجب شام جي وقت ۾ چونڊ ۾ عمل ۾ ڪجهه تيزي نظر آئي ۽ ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتا.

پولنگ جو وقت نه وڌائڻ جو فيصلو

اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ پولنگ جو وقت وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جن پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو اتي ايترو ئي وقت وڌايو ويو جيتري دير ٿي هئي.

جهيڙا ۽ ڏند چڪ

پولنگ مجموعي طور تي پرامن انداز ۾ ٿي ۽ ڏند چڪ ۽ جهيڙي جي هڪ اڌ واقعي کانسواءِ ڪو وڏو اڻوڻندڙ معاملو پيش نه آيو.

چنيسر ڳوٺ ۾ پولنگ اسٽيشن ۾ جهيڙو ٿي جنهن دوران پ پ جي ڪارڪنن مبينا طور تي جماعت اسلامي جي ڪائونسلر جي اميدوار تي تشدد ڪيو.

ڪراچي پوليس چيف جي پريس بريفنگ

ڪراچي پوليس جي چيف جاويد عالم اوڍو پريس بريفنگ دوران چيو ته هو فخر محسوس ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو پرامن طريقي سان مڪمل ٿي ويو.

هن چيو ته جتي واقعا رپورٽ اتي پوليس ۽ رينجرز جي ڪوئيڪ رسپانس فورس فوري پهچي وئي جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان اڳ ئي ان تي ظابطو آندو ويو.

پي ٽي آءِ ايم پي اي گرفتار

گلشن معمار ۾ پي ٽي آءِ  ۽ پ پ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس ايم اين اي شاهدا رحماني جي پٽ هلال رحماني تي تشدد جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي پاسي حليم عادل شيخ الزام لڳائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ ساٿين پي ٽي آءِ جي ايم پي اي تي حملو ڪيو.

ڌاڌلين جو الزام

سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان جمعيت علماءَ اسلام ( ف) وفاق ۾ پنهنجي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي تي ڌنڌالي جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي.

جي يو آءِ ف جي اڳواڻ قاري عثمان پ پ تي ڌاڌلي جو الزام لڳائيندي چيو ته مڪاني چونڊون 24 جولاءِ 2022ع کان ملتوي ڪندي ڪندي 15 جنوري ڪرايون ويون، پولنگ اسٽيشنز تي عملو کي رات تائين پهچڻو هو جيڪو نه پهتو، پولنگ عملو ٽي، ٽي ڪلاڪ دير سان پهتو ۽ پوءِ چونڊ عمل شروع ٿيو.

هن چيو ته سنڌ سرڪار رڳو ڏيکاءُ لاءِ مڪاني چونڊون ڪرايون، ڪياماڙي ۾  سڀ ڪجهه پهريان کان طئي ڪيو ويو هو، يونين ڪائونسل 8 ۾ چيئرمين جي اميدوار کي ڌانڌلي ڪندي پڪڙيو ويو، ماڙيپور يوسي 3 ۾ عورتن جي پولنگ اسٽيشنز تان ٺپا گم آهن.

جي يو آءِ ف جي اڳواڻ چيو ته پهريان به چوندا هئاسين ته سنڌ جي حڪمران  پارٽي سڀ ڪجهه ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو، ائين نه ٿئي جو سموريون جماعتون چونڊون رد ڪري ڇڏين، هر يونين ڪائونسل ۾ ڌانڌلي جي شڪايت ملي رهي آهي.

اڳوڻي گورنر جي ڪراچي کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي

اڳوڻي گورنر سنڌ عمران خان اسماعيل انصاف هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پولنگ اسٽيشن بند ٿيڻ بعد جيڪي بيٽ پيپرز چوري ٿيا اُهي اڄ وڌا ويندا، جيڪڏهن چونڊڻن کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ڪراچي کي بند ڪري ڇڏينداسين.

مڪاني چونڊون: شرجيل ميمڻ جو پي ٽي آءِ تي بدترين دهشتگردي جو الزام

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ تي بدترين دهشتگردي جو الزام لڳايو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي بيلٽ باڪس جي سيل کولڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ  وارن مڪاني چونڊن دوران  بدترين دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو .

هن چيو ته ايم اين اي شاهدا رحماني جي پٽ ۽ شهزاد ميمڻ تي پي ٽي آءِ جي غنڊن جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، پي ٽي آءِ وارا بدمعاشي واري سياست بند ڪن.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسندن کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين : وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شرپسندن کي مڪاني چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏين، سموريون سياسي جماعتون ۽ سندن ڪارڪن چونڊ ضابطن جو احترام ڪن.

وڏي وزير ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ سي پي او ۾ قائم ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو، وڏي وزير پولنگ واري عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ به ورتي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سينٽرل پوليس آفيس جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته شرپسندن کي بخش نه ڪيو ويندو، سموريون جماعتون چونڊ ضابطن جو احترام ڪن.

 ڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته پولنگ دوران شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ کي يقيني بڻايو وڃي، چونڊ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.

اليڪشن طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم پاران بيلٽ باڪسز جون سيلون ٽوڙڻ جو نوٽيس

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم پاران بيلٽ باڪسز جون سيلون ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو، فردوس شميم سميت اڻ واڳيل سمورن ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ترجمان اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وفاقي گهر وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻن جي تڪراري بيانن جو نوٽيس به ورتو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تڪبندين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، اسان قانون موجب تڪبندين وارو معاملو حل ڪيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جو بيان

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪراچي، حيدرآباد جي محب وطن عوام کي گذارش ڪئي ته هو مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي جهموريت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن.

عمران خان پاران عوام کي مڪاني نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادوءَ جي عوام کي مڪاني نمائندن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هن عوام کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن زندگيون بدلائڻيون آهن ته اڄ سندن ووٽ اهميت رکي ٿو.

چونڊ ظابطن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس 

هوڏانهن پ پ جي آفيشلز ٽوئيٽر اڪائونٽ تان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڪراچي ۾ چونڊ عمل دوران بي ظابطگين جي شڪايت کان آگاهه ڪيو ويو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ڪورنگي ٽائون ۾ نيو ايج گرامر اسڪول ۾ پولنگ جو سامان موجود نه آهي ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ پ پ چونڊ ڪئمپن تي حملي کانپوءِ پولنگ اسٽيشن 103 ۽ 104 خراب سيڪيورٽي صورتحال سبب ووٽرز خوف جو شڪار آهن.

30 سيٽن تي پولنگ نه ٿي سگهي

ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 23 اميدوارن جي لاڏاڻي ۽ ڇهن اميدوارن جي بنا مقابلي چونڊجڻ سبب چيئرمين ۽ وائس چيئرمين ۽ وارڊ ميمبرن جي 1230 مان 1200 سيٽن تي پولنگ ٿي رهي آهي.

سوين اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

حيدرآباد ڊويزن ۾ چار سئو ڏهه ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ به ٽي سئو ڏهه اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن ۽ 27 اميدوار وفات ڪري چڪا آهن، جنهن بعد حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن ۾ 1675 ۽ ٺٽي ڊويزن جي ضلعن ۾ سمورين ڪٽيگريز جي 709 سيٽن تي چونڊون ٿي رهيون آهن، مجموعي طور تي 17862 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن جن مان 9057 اميدوارن جو واسطو ڪراچي، 6228 حيدرآباد ۽ 2577 جو واسطو ٺٽو ڊويزن سان آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here