ڪراچي، ڪياماڙي واري علائقي ۾ هڪ هفتي اندر زهريلي گئس سبب 19 ٻارڙن جي موت جو انڪشاف، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس ورتو

0
67

ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي جي مواڇ ڳوٺ ۾ هڪ هفتي اندر زهريلي گئس سبب 19 ٻارڙن جي موت جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

مواڇ ڳوٺ ۾ هڪ هفتي اندر زهريلي گئس سبب 19 ٻارڙن جي موت جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته 50 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ضلعي صحت کاتي جاچ بعد ٻارڙن جي موت جي تصديق به ڪئي آهي

ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙن جي موت جي اطلاع تي ڊاڪٽرز جي ٽيم ۽ موبائل ليب علائقي ۾ اماڻي وئي، بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف جو شڪار ماڻهن جي رت جا نمونا ۽ ايڪسي ڪرڻ بعد سمورا نمونا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن

مختيار علي ابڙو چيو ته ڳوٺاڻن وٽ هڪ مهيني ۾ 15 کان 16 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، گهرن ۾ ننڍين فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهين ۽ ڪيميڪل سبب موت جو خدشو آهي

ڊي ايڇ او ڪياماڙي ڊاڪٽر محمد عارف موجب، فوت ٿيلن ۾ 18 کان 50 سالن جي عمر جا ماڻهو شامل آهن، فوتگيون 10 جنوري کان 25 جنوري تائين ٿيون، سمورن ماڻهن کي دفن ڪيو ويو آهي، سندن پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو

ڊي ايڇ او موجب علائقي ۾ آئل، گريس ۽ ڪچي لوهه جون فيڪٽريون لڳل آهن، سمورن ماڻهن جون فوتگيون ڦڦڙ ناڪاره ٿيڻ سبب ٿيون، علائقي ۾ آلودگي وڌيڪ هئڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائي آهي

انتظاميا ڪارروائي ڪندي پلاسٽڪ ٺاهڻ وارين ٽن فيڪٽرين کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ فيڪٽري مالڪ سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي جي ڪمشنر، ڊي ايڇ او هيلٿ ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سيد مراد علي شاهه محنت ۽ صنعت واري کاتي توڙي ضلعي انتظاميا کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اهي ڪهڙيون فيڪٽريون آهن، جتان نقصاد ڏيندڙ گئس خارج ٿي رهي آهي، ڇا انهن فيڪٽرين جي ڪڏهن انسپيڪشن ڪئي وئي آهي؟

سيد مراد علي شاهه ان موقعي تي متاثر ڪُٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here