فوج سان ويڙهه چريائپ هوندي،فوج سان ڪو جهيڙو ناهي: عمران خان

0
86

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فوج سان ويڙهه چريائپ هوندي، فوج سان ڪو جهيڙو ناهي

لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون تي حملو ٿيو، شهباز گل ۽ اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، سڀني کي معاف ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيان

هن ق ليگ پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي، جڏهن ته مونس الاهي جي پڻ تعريف ڪئي

اڳوڻي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته اسان جي دور ۾ ميڊيا چئنل بند ڪرڻ، صحافين کي نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ ميڊيا سان زيادتين ۾ اسان جو ڪو ڪردار نه هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here