متحده جو حڪومت ڇڏڻ تي غور،آصف زرداري ۽ فضل الرحمان جو خالد مقبول سان رابطو

0
77

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي حڪمران اتحاد پي ڊي ايم ڇڏڻ جي خدشن کانپوءِ آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان خالد مقبول صديقي سان رابطو ڪيو آهي

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خالد مقبول صديقي کي سهڪار جي خاطري ڪرائي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي

ان کان علاوه پ پ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به خالد مقبول صديقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان خالد مقبول صديقي کي صبر ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ خالد مقبول وچ ۾ رابطو جلد متوقع آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here