ريحام سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن ڦورو کيس ڦري رهيا هئا: مرزا بلال بيگ

0
85

ريحام خان جي ٽئين مڙس مرزا بلال بيگ چيو آهي ته منهنجي ريحام سان پهرين ملاقات ٽرين اسٽيشن تي ٿي. ريحام خان انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس مرزا بلال بيگ جي انٽرويو جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن دوران هن مرزا بلال کان ساڻس پهرين ملاقات بابت پڇيو.

جنهن تي مرزا بلال ڊرامائي انداز اختيار ڪندي ٻڌايو ته نيويارڪ جي علائقي ۾ رات جو وقت هو، هلڪي برسات ٿي رهي هئي ۽ ريحام خان هڪ ٽرين اسٽيشن تي بيٺي هئي، سندس هٿ ۾ شايد 10 لکن جو ٿيلهو هو. مرزا بلال بيگ ٻڌايو ته انهي دوران 5 کان 6 ڇوڪرن ريحام خان کان ٿيلهو کسڻ جي ڪوش ڪئي، آئون به ان ئي وقت اسٽيشن اندر داخل ٿيس ۽ اهو منظر ڏسي مون پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي سمورن ڇوڪرن کي مارڪٽ ڪرڻ شروع ڪئي، ان کانپوءِ جيڪو آخري ڇوڪرو بچيو، ان لٺ ڪڍي، جڏهن ته ريحام خان کي ڌڪ لڳو ۽ ٽرين جي ٽريڪ تي ڪري پئي، جوڙي موجب اها هڪ سچي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته ڪهاڻي شيئر ڪندي ريحام اها پوست شيئر ڪندي ڪيپشن به لکيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”تنقيد نگار ان کي پنهنجي  ٺاهيل ڪهاڻي چوندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here