ممبئي ۾ بالي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي گهرو اڻبڻت کان تنگ ٿي پنهنجو گهر ڇڏي هوٽل ۾ شفٽ ٿي ويو.

0
78

ڀارتي ميڊيا موجب ماءُ مهر النساءَ صديقي ۽ زال عاليا صديقي وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تي جهيڙن کان تنگ اچي نواز الدين اهو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو.

نواز الدين جي پيءَ سان منسوب سندس خوابن جو گهر، جنهن ۾ 6 بيڊ روم، ٻه وڏا هال ۽ ٻه ويڪرا لان آهن، هاڻ جهيڙي سبب سندس لاءِ ڀوائتي خواب جا منظر پيش ڪري رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نواز الدين جي دوست ٻڌايو ته اداڪار ملڪيت جي تڪرار تي جهيڙن سبب گهر ڇڏي هوٽل منتقل ٿي ويو آهي ۽ معاملو وڪيل طرفان قانوني طور حل ٿيڻ کانپوءِ موٽندو.

واضح رهي ته نواز الدين صديقي جي ماءُ ملڪيت جي تڪرار تي پنهنجي ننهن عاليا خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو. اداڪار جي ماءُ موجب نواز الدين ۽ عاليا ۾ طلاق ٿي وئي آهي، تنهن ڪري عاليا جو ملڪيت تي ڪو حق ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here