آرمي چيف جي صدر ۽ وزيراعظم سان ڌار ڌار الوداعي ملاقات

0
129

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان الوداعي ملاقاتون ڪيون.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سڀاڻي رٽائر ٿي رهيو آهي، پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب سڀاڻي ٿيندي. ڪمانڊ آف ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جنرل عاصم منير کي بيٽن آف ڪمان حوالي ڪندو، جڏهن ته جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي نئين سربراهه طور چارج سنڀاليندو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صدر هائوس ۾ صدر ۽ وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقاتون ڪيون.صدر جنرل قمر جاويد باجوا جي دفاعي شعبي ۾ خدمتن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۽ پاڪ فوج لاءِ سندس خدمتن کي به ساراهيو، صدر عارف علوي به جنرل قمر جاويد باجوا جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here